کهڙا ويجهو ڳوٺ علي آباد ۾ پورهيت محمد عرس ميتلو، بلاول، الهودايو ۽ افضل ميتلو جي پنجن گهرن کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن سبب سندن گهرن ۾ پيل هنڌ، کٽون، ڪڻڪ، ٿانو، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويو. ڳوٺاڻن مڙسي ڪري پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه کي وسائي ورتو. جڏھن ته ٽائون ڪاميٽي کهڙا ۽ ميونسپل گمبٽ جي فائربرگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آڻي ڀرپاسي جي گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. باهه متاثر کلي آسمان هيٺ ويٺل آھن، سندن وٽ ڪوبه چونڊيل نمائيندو توڙي سياسي اڳواڻ لڙي نه آيو. ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته اسان غريب مسڪين آھيون، سمورو سامان سڙي ويو آهي اسان جي مالي سهائتا ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close