سنڌ

نوابشاھ واسڻ مذهب مٽائي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جي اپيل

نوابشاهه جي علائقي دوڙ جي رهواسڻ آسيا شيخ پنھنجي مڙس نديم علي ڀٽي سان گڏ ميرپورخاص پھچي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته 12 ڏينهن اڳ پنهنجو مذهب مٽائي اسلام قبول ڪرڻ بعد اسلامي نالو آسيا رکيو ويو، جنهن بعد ميرپورخاص جي عدالت ۾ شريعت موجب شادي ڪئي آهي، اھڙي عمل تي مائٽ سخت مڇريل آھن. هن چيو ته والد آچر، راجو، رميش، وينجھل، ھريو، سورج، وجي، ٽيڪم، ساڌو ۽ ٻيا اسان کي ڪارنھن الزام هيٺ قتل ڪرڻ چاهين ٿا، خوف سبب دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون. هنن چيو ته زندگين کي خطرو آهي تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button