سنڌ

سڪرنڊ ۾ پرائمري استاد جو ٻارن سميت پوليس خلاف احتجاج

سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ مستي خان چانڊيو جي رهواسين پرائمري استاد محمد يعقوب چانڊيو، محمد خان دائود چانڊيو، غازي خان چانڊيو پنهنجي معصوم ٻارڙن ۽ نياڻين سان گڏجي احتجاج ڪيو. هنن چيو ته سڪرنڊ تعلقي جي ٿاڻي پنهل خان چانڊيو جي پوليس ايس ايڇ او عبيدالله مبيجو، اي ايس آءِ محمد حسن ڪلهوڙو ۽ سپاهي باقر چانڊيو بااثر ڌر جي چوڻ تي منهنجي ۽ ٻچن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، منهنجي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري تشدد ڪري ٿو. هن چيو ته ڪجھه ڏينهن اڳ مون کي ۽ منهنجي پٽ کي گرفتار ڪري سخت تشدد جو نشانو بنايو ويو، مائٽن جي احتجاج بعد مون کي ڳري رشوت عيوض آزاد ڪيو ويو. هن اپيل ڪئي ته پنهل خان چانڊيو پوليس خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button