سنڌ

گھوٽڪي پوليس پيپلزپارٽي جي ونگارو بڻيل آھي: حاجي خان مهر

جي ڊي اي اڳواڻ علي گوھر خان مھر جي پٽ اڳوڻي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين حاجي خان مھر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته گھوٽڪي پوليس پيپلز پارٽي جي ونگارو بڻيل آھي، جي ڊي اي جي اميدوارن جي گھرن تي چڙھايون ڪري کنڀي گم ڪري رھي آھي، جي ڊي اي اميدوارن خلاف سرحد ٿاڻي تي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ميان رنگ علي شاھه پيرزادي کي گرفتار ڪيو آھي. گھوٽڪي جي سيشن ڪورٽ ٻاھران ڳالهائيندي حاجي خان مھر چيو ته پيپلز پارٽي پوليس جي ذريعي اسان جي اميدوارن کي حراسان ڪري رھي آھي ته اھي جي ڊي اي کي ڇڏي وڃن پر اسان جا اميدوار مضبوط آھن ھر طرح جي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ ڄاڻين ٿا ۽ اسان به انھن سان ڏک سک ۾ گڏ آھيون. ھن چيو ته جي ڊي اي جي 50 کان وڌيڪ اميدوارن گھوٽڪي جي عدالت ۾ حراسان ڪرڻ خلاف درخواستون داخل ڪرايون آھن اسان کي عدالت مان انصاف جي اميد آھي. ھوڏانھن اغوا ڪيس ۾ گرفتار رنگ علي شاھه پيرزادي کي سرحد پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ھڪ ڏينھن جي جسماني رماند تي سرحد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button