سنڌ

سوڀوديرو ۾ مقتول اهلڪار جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

سوڀوديرو ۾ مقتول پوليس اھلڪار جميل سھتو جي قتل ڪيس جو جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارثن وحيد، نعيم احمد، محرم علي ۽ علي ڏنو سھتو پريس ڪلب سوڀوديرو پھچي احتجاج ڪيو. هنن چيو ته جميل احمد سھتو آر او اليڪشن آفيس سوڀوديرو ۾ ڊيوٽي ڪندو ھو، جنھن کي 6 ڏينھن اڳ ڏينھن ڏٺي جو سوڀوديرو جي امام بارگاھه سومر شاھه ڀرسان ھٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آھي، مقتول جو قتل ڪيس سندس پي محرم سھتو جي فرياد تي سوڀوديرو ٿاڻي تي جوابدارن محمد آچر سھتو، عمران عرف ڪراڙو، معشوق علي سميت پنج سڃاتل جوابدارن ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف داخل آھي. ھنن چيو ته ايس ايڇ او سوڀوديرو ھن وقت تائين ھڪ به جوابدار گرفتار نه ڪيو آھي ۽ نه وري ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس ايڇ او سوڀوديرو مقتول اھلڪارن جي وارثن جي تڏي تي لڙي آيا آھن. ھنن چيو ته ايس ايڇ او سوڀوديرو اڪبر عالماڻي بيگناهھ ماڻھن کي پڪڙي پئسا ڪمائڻ ۾ مصروف آھي پر مقتول اھلڪار جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لا ڪي به قدم نه کنيا آھن. هنن چيو ته ايس ايڇ او سوڀوديرو حاضر سروس اھلڪار جي بيگناھه خون سان انصاف نه ٿو ڪري سگھي ته ٻين مسڪينن کي ڪھڙو انصاف ڏئي سگھندو؟ هنن چيو ته ايس ايڇ او سوڀوديرو کي ھٽائي ايماندار ايس ايڇ او مقرر ڪري ٻن ڏينھن ۾ جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button