سنڌ

نوابشاهه ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين ۽ جسقم ڪارڪنن جو احتجاج

نوابشاهھ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ چوري جي وارداتن ۾ اضافي خلاف جسقم تعلقي نوابشاهه پاران پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي طارق سمون، علي شاهه، فرمان ملاح، منير ابڙو، بابو سنڌي ۽ ٻين چيو ته نوابشاهه ۾ بدامنيءَ چوٽ چڙهي وئي آھي، ڏينھن ڏٺي جو چوري جون وارداتون وڌي ويون آھن، نوابشاهه پوليس انھن کي روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي، شھرين جون موٽرسائيڪلون ھر روز چوري ٿين ٿيون پر پوليس چورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ھنن چيو ته شھر جو امن امان بحال ڪرائي شھرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button