ڪشمور جي ڪچي واري علائقي گيهلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ سعيد احمد جکراڻي تي عورت جي اغوا جي معاملي تان شر ڌر جي هٿياربندن جکراڻي ڌر جي 30 گھرن مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، ٻنهي طرفن کان هلندڙ فائرنگ کي روڪڻ لاءِ واقعي واري هنڌ پهتل ايس ايڇ او سميت ٻه ڄڻا گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، ڪرم پور ٿاڻي جو ايس ايڇ او نبي بخش جکراڻي مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو، اطلاع تي ڪشمور پوليس جا اٽالا واقعي واري هنڌ پهچي ويا، زخمي ايس ايڇ او کي ڪشمور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي طبي امداد فراهم ڪري رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. فائرنگ سبب گيھلپور ڪچي واري علائقو ميدان جنگ بڻيل رهيو، وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو. ياد رهي ڪافي عرصي کان وٺي گيھلپور ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي. گيھلپور ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته جکراڻي ڌر جي ماڻهن صادق آباد مان شر ڌر جي عورت کي اغوا ڪري انهي ڳوٺ ۾ عورت سان اجتماعي زيادتي ڪئي هئي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل آئي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close