لاڙڪاڻي جي لهر ڪالوني جي رهواسڻ پنهنجي معصوم پوٽي سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي مڙس خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي فاطمه چانڊيو معصوم پوٽي زوهيب چانڊيو سان گڏجي دانهيندي چيو ته 30 سال اڳ منهنجي شادي اسحاق چانڊيو سان ٿي هئي، جنهن مان چئن پٽن جو اولاد آهي، شادي جي 10 سالن بعد مڙس ٻي شادي ڪري مونکي گهران ڪڍي ڇڏيو هو. هن چيو ته گذريل 8 مهينن کان وٺي مڙس اسحاق چانڊيو گهر جو خرچ ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون، جڏهن ته خرچ گهر تان مڙس طلاق ڏيڻ سميت ٻيون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جيڪا ناانصافي آهي. هن اپيل ڪئي ته مڙس خلاف ڪارروائي ڪري پنهنجو حق ڏياري انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close