لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ جيل انتظاميه ۽ قيدين ۾ قيدين کي ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪرڻ واري معاملي تان پنجين ڏينهن به ڇڪتاڻ جاري رهي، جتي جيل انتظاميه مبينا طور احتجاجي قيدين جي ماني، بجلي ۽ پاڻي بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري قيدي سراپا احتجاج بڻيل آهن. قيدين دانهيو ته جيل سپريٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ پنجن ڏينهن کان اسان قيدين جي ماني، پاڻي ۽ بجلي بند ڪري ڀتو گهري رهيو آهي نه ڏيڻ تي ڪيترن ئي قيدين کي ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جيل سپريٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ کي هٽائي سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪيل قيدين کي واپس سينٽرل جيل آڻي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو. جيل انتظاميه پاران مبينا طور تي پنجين ڏينهن به قيدين جي ماني بند ڪرڻ کان پو جيل جا قيدي بک کان بدحال ٿي ٿانو هٿن ۾ کڻي ماني ڳڀي لا جيل جا دروازا کڙڪائيندا رهيا پر جيل انتظاميا ماني ڳڀي کان ٺُپُ جواب ڏئي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ قيدين پاران هڪ وڊيو وائرل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ قيدين پاران هٿن ۾ ٿانو کڻي بک جون دانهون ڪندي جيل انتظاميه کي ماني لا منٿون ڪندي نظر اچي رهيا آهن. قيدين جو چوڻ آهي ته پنجن ڏينهن کان بک تي ويٺا آهيون هاڻي بک برداشت نه پئي ٿئي. جيل سپريٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ عدالت ۾ غلط بياني ڪري رهيو آهي، ميڊيا کي به ڪوڙ ۽ منافقت تي ٻڌل بيان ڏئي رهيو آهي، اصل ۾ رشوت ۽ ڀتو نه ڏيڻ تان قيدين کي ڊسٽرڪٽ جيل موڪلي اتي ساڻن وحشياڻو تشدد پيو ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي قيدين سان انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close