قمبر جي باگوديرو محلي واسين پيرسن عورتن رشيده گوپانگ، شهزادي گوپانگ ۽ دوست محمد گوپانگ پريس ڪلب آڏو دانهيندي چيو ته بااثرن آصف گوپانگ ۽ ٻين اسان لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي، منهنجي پٽ ذوهيب گوپانگ کي کنڀي گم ڪري اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي. شهزادي ۽ دوست محمد گوپانگ چيو ته منهنجو پٽ رجب علي ڪافي عرصي کان ڪراچي ۾ ڊرائيونگ ڪندو آهي، ان مٿان به ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، اهڙي ناجائزي جي دانهن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي ڏني آهي، ڪيس جي انڪوائري ڪري نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close