سنڌ

پاڻي کوٽ ۽ مهانگائي خلاف ايس يو پي جا احتجاجي مظاهرا

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ ۽ مهانگائي خلاف مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان مرڪزي سڏ تي سنڌ اندر زرعي پاڻي جي کوٽ ۽ مهانگائي خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن فتاح جانوري، منظور شيخ، صدر ڀٽي، لياقت پنهور، رفيق چانڊيو، احمد علي تنيو، خادم گهانگهرو، قمبر مغل، گلاب خان کهاوڙ ۽ ٻين چيو ته پيپلزپارٽي وفاقي حڪومت ۾ هوندي به پاڻي مسئلي تي خاموش لڳي پئي آهي، جنهن مان ثابت ٿي رهيو آهي ته سنڌ حڪومت پاڻي کوٽ جي ذميوار آهي، سنڌ جي مختلف ڪئنالن، شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري واري اڏامي رهي آهي، جنهن سبب سنڌ جا هاري ۽ آبادگار سخت پريشان حال بڻيل آهن، زمينون بنجر بڻجي ويو آهن. هنن چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگھه وڌائڻ سبب ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ٿي وئي آهي، عام واهپي جي شين جا اگهھ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، جنهن ڪري غريب ماڻهو فاقاڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هنن چيو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪرڻ سميت پيٽرول، ڊيزل ۽ عام واهپي جي شين جا اگهھ گهٽائي عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي. سن ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ماتلي ۾ ايس يو پي ۽ شھرين ريلي ڪڍي ريلي ڦلڪارا چوڪ کان ڪڍي وئٔي جيڪا شھر مان ٿيندي بس اسٽاپ چوڪ ويجھو حيدراباد بدين روڊ تي پھتي جتي ڌرڻو ھنيو ويو. ٽنڊوآدم ۾ ايس يو پي ڪارڪنن محمد خان پنهور، باغي مجاهد ٿهيم، امداد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ميهڙ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران سڪندر سوڍر، شبير منگي، حاجي خان مارفاڻي، حبيب حضوري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪوٽڙي ۾ ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، شاهپورجهانيان ۾ عبدالفتاح ٻگهيو، لالا يوسف ٻگهيو، عادل لغاري، مشتاق احمد ٻگهيو، علي اصغر ماڇي، صابن ماڇي، مهراڻ ٻگهيو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. نوابشاهه ۾ گل حسن ڪيريو، طالب مگسي، ساجد ڪيريو، سچل مجيب ماڇي، الطاف لنڊ ۽ ٻين نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران مظاهرو ڪيو. ڍورونارو ۾ ايس يو پي پاران روشن منڱريو، ولي محمد نھڙي، يار محمد ملاح، لڇمڻ ڀيل جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button