ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل ڇوڪري دعا زهرا کي مڙس ظهير سميت پنجاب جي شهر بهاولنگر جي علائقي چشتيان مان پوليس بازياب ڪرائي ورتو آهي، جنهن کي مقامي اختيارين ڪراچي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽس ۾ چيو ويو آهي تھ پنجاب پوليس دعا زهرا جي بازيابي ۽ ڪراچي پوليس جي حوالي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. ڊي آئي جي انويسٽيگيشن ڪامران عادل جو چوڻ آهي تھ دعا زهرا ۽ ان جي مڙس ظهير کي چشتيان جي علائقي مان بازياب ڪرايو ويو. هن ٻڌايو تھ دعا ۽ ان جو مڙس پنهنجي ادا جي ساهرن جي گهر ۾ لڪل هئا، جتان کين هٿ ڪيو ويو آهي. ڊي آئي جي ڪامران عادل موجب دعا جي بازيابي بابت هائي ڪورٽ پوليس کي 10 جون تائين جي مهلت ڏني هئي، جنهن تي پنجاب پوليس ڪاروائي ڪئي آهي. ياد رهي تھ دعا زهرا گذريل اپريل مهيني ۾ گهران گم ٿي وئي هئي، جنهن جو بعد ۾ وڊيو بيان سامهون آيو هو تھ ان ظهير سان پرڻو ڪري ڇڏيو آهي.
جڏهن تھ دعا جي والدين نياڻي جي عمر 14 سال ڄاڻائي هئي ۽ چيو هو تھ سندن شادي7 مئي 2005ع ۾ ٿي آهي، جنهن تحت دعا جي عمر 18 سال نه آهي. رپورٽ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي تھ دعا زهرا جي بازياب نھ ٿيڻ تي سنڌ هائي ڪورٽ اڳوڻي وقتي آئي جي سنڌ پوليس ڪامران افضل کان پڻ چارج ڇڏرائي هئي.