سڌ سماءَ ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي شهر ۾ ماس ٽرانزٽ منصوبا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ خسته حال ۽ پراڻيون بسون بند ڪنداسين. ٽرانسپورٽرز جي نمائندا تنظيمن سان اجلاس دوران اهو ٻڌايو ويو هو. هن چيو ته ٽرانسپورٽن کي پيش ڪش ڪئي هئي ته هو ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ سرماياڪاري ڪن ۽ جديد بسون آڻين. ان سلسلي ۾ ڪا به ڪنسورشيم جوڙين، سنڌ حڪومت انهن کي سبسڊي سميت هر سهولت ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ڪراچي شهر ۾ هزارن جي تعداد ۾ بسون آڻي رهيا آهيون. چين، ترڪي ۽ ٻين ملڪن سان ڳالهيون ٿيون آهن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڪمپنين کي سنڌ ۾ گاڏين جا پلانٽس لڳائڻ جي دعوت ڏني آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌ آرڪائيوز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسانجي اولين ترجيح آهي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ جي انڊسٽري پاڪستان ۾ لڳڻ گهرجي. جڏهن پاڪستان ۾ اهڙي قسم جي صنعت لڳندي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ بهتري ايندي، ان جو فائدو هتان جي مقامي ماڻهن کي ٿيندو ۽ انهن کي روزگار ملندو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس سروس جي ٽيسٽ ڊرائيو جي شروعات ڪري ڇڏي ۽ انشاءِ الله جون مهيني ۾ ڪراچي ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس باقاعده شروع ڪئي ويندي. لاڙڪاڻي ۾ به پيپلز بس سروس عوام جي لاءِ شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪراچي ۾ عبدالستار ايڌي لائن ( اورينج لائين) پڻ پبلڪ جي لاءِ جون جي مهيني ۾ ئي شروع ڪئي ويندي. هي سلسلو اتي ئي نه رڪندو پر ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سهڪار سان ريڊ لائين پراجيڪٽ تي ڪم تيزي سان هلندڙ آهي. جڏهن ته بلو لائين پروجيڪٽ تي هڪ پروپوزل آيو آهي، ان تي به ڪم شروع ڪري رهيا آهيون. شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پوري سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن. بلو لائين تي هڪ يو ايس پي آءِ جو پروپوزل آيو آهي ان تي به ڪم شروع ڪري رهيا آهيون هي سلسلو اتي ئي نه رڪندو، ريڊ لائين تي به ڪم ٿي رهيو آهي جيڪو ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جو پراجيڪٽ آهي جنهن تي تيزي سان ڪم جاري آهي ان تي به رڪاوٽون هٽائڻ جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي. اسانجو ايندڙ ٽارگيٽ حيدرآباد آهي جتي اسٽيٽ آف دي آرٽ بي آر ٽي شروع ڪرڻ پيا وڃون، جنهن تي پيپر ورڪ جي ڪم جي شروعات ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته صوبي ۾ هر ڳوٺ ۽ تعلقي سطح تي جديد ايئرڪنڊيشنڊ بسون هلايون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان جي ڪاروباري حضرات کي به دعوت ڏيان ٿو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ سرماياڪاري ڪن، سنڌ حڪومت مڪمل مدد فراهم ڪندي ۽ ون ونڊو آپريشن ٿيندو، ڪنهن به قسم جي ڪابه تڪليف نه هوندي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سختي سان هدايت ڪئي آهي ته سنڌ جي عوام لاءِ هڪجهڙو ۽ بهتر ٽرانسپورٽ مهيا ڪيو وڃي ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پڻ تمام گهڻي دلچسپي ورتي آهي ته ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ جيتري به سيڙپڪاري ٿيندي سنڌ حڪومت ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي پر سموريون شيون هڪ حد تائين هونديون ۽ اسان چاهيون ٿا ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت خانگي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو اڳيان اچن ۽ سيڙپڪاري ڪن ته جيئن عوام کي بهترين سفري سهولت مهيا ٿي سگهي. ملڪ جي موجوده صورتحال تي هن چيو ته عمران خان ملڪ ۾ هڪ خطرناڪ قسم جي راند کيڏي رهيو آهي. هي شخص ملڪ ۾ انارڪي پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، عمران خان چاهي ٿو ته ملڪ جي ادارن خلاف خطرناڪ سازش ڪري. ان وقت خصوصي طور تي سوشل ميڊيا تي اسانجي ملڪ جي اهم ادارن ۽ سربراهن خلاف هڪ خطرناڪ ۽ من گهڙت مهم هلي رهي آهي. ڪوڙي پروپيگنڊن ذريعي ماڻهن کي ورغلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پاڪستان جي 75 سالن جي تاريخ ۾ ڪنهن به اڳوڻي وزيراعظم ان قسم جي زبان ۽ اهڙي قسم جون ڳالهيون ناهن ڪيون. عمران جو غرض صرف ۽ صرف پنهنجي ڪرسي جي لاءِ آهي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان جيڪو هميشه ادارن کي چوندو هو ته ادارا کي نيوٽرل نه رهڻ گهرجي، هاڻي چوي ٿو ته ادارن کي نيوٽرل هجڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان جي وڏي خوش قسمتي آهي ۽ نصيب سٺا اٿس ته ادارا نيوٽرل آهن ۽ سياست ۾ مداخلت نٿا ڪن، نه ته جهڙي ريت جي مهم هن هلائي آهي ۽ جهڙي ريت جي خوفناڪ مشن تي گامزن آهي ته هن جي خوشقسمتي آهي ته ادارا نيوٽرل آهن ۽ سياست ۾ مداخلت نه ٿا ڪن. عمران خان جهڙي ريت زبان استعمال ڪري رهيو آهي اهڙي زبان جيڪڏهن ڪا ٻي جماعت استعمال ڪري ته يا ماضي ۾ جن اها زبان استعمال ڪئي آهي انهن جو حشر نشر ٿيو. هن چيو ته سياست ۾ ادارن تي غلط الزام لڳائڻ، سياست ۾ ادارن کي پنهنجي مقصدن خاطر بدنام ڪرڻ ان کان ڪريل حرڪت ٻي ڪا نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته هن ملڪ ۾ ڪيترين ئي سياسي جماعتن تمام گهڻا ظلم برداشت ڪيا آهن ۽ ڪيترن ئي واقعن کي منهن ڏنو آهي پر هميشه سياسي ماڻهن بردباري جو مظاهرو ڪيو آهي. عمران خان کي ان جي نااهلي جي ڪري هن جا اتحادي ڇڏي ويا. هن جي حڪومت تي ڪو به راتاهو ويو ۽ نه ئي بي-2 58 نه استعمال ڪيو ويو. هن شخص کي ڪنهن به زبردستي برطرف نه ڪيو. عمران جي حڪومت کي آئيني ۽ قانوني طريقي سان عدم اعتماد ذريعي گهر موڪليو ويو. جنهن تي هي شخص جيڪا زبان استعمال ڪري رهيو آهي. ان تي هو شخص نوجوانن ۾ هڪ سوچ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جنهن تي هن شخص سوشل ميڊيا تي ملڪ ۽ ادارن خلاف بدتميزي جو طوفان برپا ڪيو آهي. هن چيو ته اهڙي شخص کي پاڪستان ۾ سياست ڪرڻ جو ڪو حق آهي، روزانو جلسن ۾ ادارن ۽ پاڪستان خلاف ڳالهيون ڪري. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان ڪن کولي ٻڌ پاڪستان جي سالميت جي لاءِ اسان جي قيادت قربانيون ڏنيون آهن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي هن ملڪ جي لاءِ جمهوريت جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪي ماڻهو پي ٽي آءِ ۾ شامل آهن اهي اهو واضح ڪن ته هو عمران جي هنن بيانن تي هن سان گڏ آهن يا پنهنجو پاڻ کي هن کان الڳ ڪن ٿا. عمران خان کي نه ملڪ جي نه ئي ادارن ۽ نه وري عوام جي فڪر آهي. ڪير نه ٿو ڄاڻي ته اڄ جيڪي ملڪ جون معاشي حالتون آهن انهن جو ذميوار صرف واحد عمران خان آهي. جيڪڏهن عمران جون پاليسون ٺيڪ هيون ته ڇو اسٽيٽ بينڪ جو گورنر، وزير خزانه، سيڪريٽري خزانه ۽ ايف بي آر جا چيئرمين ڪيترائي دفعا تبديل ٿيندا رهيا. عمران خان هر تجربي ۾ ناڪام ٿيو آهي. ڇو ته نه هن کي ڪوئي عقل ۽ نه ئي ڪو ويزن آهي، جنهن ڪري آءِ ايم ايف جي ڪڙيون گوريون کائڻيون پئجي رهيون آهن. آءِ ايم ايف جي سخت شرطن کي مڃڻو پئجي رهيو آهي، ڇو ته عمران خان وعدا ڪري آيو هو ۽ هن کي شرم نه ٿي اچي هن شخص آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ سان جن شرطن تي لون وٺڻ جي لاءِ حامي ڀري هئي، انهن کي پورو نه ڪيو جڏهن ٻي حڪومت انهن کي پورو ڪرڻ وڃي رهي آهي ته ان تي تنقيد ڪري رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close