سنڌ

پاڪستاني ڄاون بنگالين جا مسئلا حل ڪيا ويندا:آصف زرداري

پاڪستاني بنگاليز ايڪشن ڪميٽي جي باني ۽ چيئرمين اڳوڻي ٽائون ناظم اورنگي ٽائون پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شيخ محمد فيروز گذريل ڏينهن وفد سان گڏ بلاول هائوس ۾ پيپلزپرٽي جي ڪو چيئرمين اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستاني ڄاون بنگالين جي مسئلن، اين اي 240 ۾ پارٽي جي اميدوار ناصر لوڌي جي ڪاميابي لاءِ قدم ۽ مڪاني اليڪشن ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي نثار کهڙو، سعيد غني، نعمان شيخ ۽ ٻيا به موجودهئا. ان موقعي تي آصف علي زرداري ڳالهائيندي چيو ته پاڪستاني ڄاون بنگالين جا مسئلا حل ڪيا ويندا، سڃاڻپ ڪارڊ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائين سميت ترقياتي ڪمن ۾ بنگالي علائقن کي ترجيح ڏني ويندي. ان موقعي تي آصف علي زرداري سينيٽر نثار کهڙو ۽ صوبائي وزير ليبر سعيد غني کي پاڪستاني بنگالين جا مسئلا بنا دير حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ سميت ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ پاڪستاني ڄاون بنگالين جي قربانين کي نطرانداز نٿو ڪري سگهجي. ان موقعي تي شيخ محمد فيروز ڳالهائيندي چيو ته اين اي 240 جي اليڪشن ۾ پارٽي اميدوار جي ڪاميابي لاءِ پاڪستاني ڄاون بنگالين ڀرپور حمايت ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾لکين پاڪستاني ڄاوا بنگالي رهن ٿا، سندن علائقن ۾ پاڻي ۽ سيوريج جا مسئلا، اکڙيل رستن سميت سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان آصف زرداري جو شڪريو ادا ڪريون ٿا. ان موقعي تي ايڪشن ڪميٽي جا اڳواڻ مولانا محمد رفيق الحسيني، ابوبڪر صديقي، يونس ڪشميري ۽ ٻيا به موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button