سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ زهريلي پلي کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 14 ڀاتي بيهوش

لاڙڪاڻي ۾ زهريلي پلي کائڻ سبب مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت 14 ڄڻا بيهوش ٿي پيا. رپورٽ موجب لاڙڪاڻي شهر جي ميروخان چوڪ واري علائقي يوسف ڪالوني ۾ زهريلي پلي کائڻ سان هڪ گهر جي ڀاتين جا 14 ڀاتي بيهوش ٿي پيا جن ۾ حضوران، سنڌو، مير خاتون، الله بخش چانڊيو، مولا بخش چانڊيو، پاڙيسري عبدالغفار کوسو، ٻارڙا عرفان چانڊيو، عليزا، عبدالنبي، غلام علي، بلاول ۽ عبدالرسول شامل آهن، جن کي سندن وارثن بيھوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي بيهوش ٿيلن جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي گهر ۾ رکيل پلي رڌي کائڻ کان پوءِ مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت 14 ڄڻا بيهوش ٿي پيا جن کي فوري طور چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو، سندن حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. ٻئي پاسي 14 ڄڻن جي بيهوش ٿيڻ تي اسپتال انتظاميا اضافي ڊاڪٽرن ۽ عملي کي طلب ڪري بيهوش ٿيلن کي طبي امداد ڏني جنهن کان پوءِ انهن جي حالت بهتر ٻڌائي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button