سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ انوائرومينٽ پروٽيڪشن ايجنسي پاران جاڳرتا ريلي

لاڙڪاڻي ۾ ماحوليات جي تحفظ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي انوائرومينٽ پروٽيڪشن ايجنسي ريجن لاڙڪاڻي طرفان اسٽيٽ لائيف بلڊنگ کان نڪتل جاڳرتا ريلي پريس ڪلب اڳيان پهتي. ان موقعي تي انوائرومينٽ پروٽيڪشن ايجنسي لاڙڪاڻو ريجن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سيد ممتاز علي شاهه چيو ته ڌرتي انسان جي رهڻ جي واحد جڳھه آهي، جنهن ڪري ضروري آهي ته ڌرتي جي ماحول کي بچائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ وڻ پوکي ڌرتي کي ماحولياتي آلودگي کان بچائڻ سميت ان جي سونهن کي برقرار رکيو وڃي، صنعتي گدلاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ سان پنهنجي ڌرتي کي بهتر بڻائي سگهون ٿا، جنهن لاءِ سيپا ايڪٽ 2014 واري ماحولياتي قانون تي عمل ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن ڌرتي جي وڌندڙ گرمي پد تي ڪنٽرول ڪري سگهجي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو چيو ته وڻ انسان دوست آهن، جن مان اسان کي آڪسيجن ملندي آهي.هن چيو ته هن وقت سڄي دنيا ۾ 8 ارب ماڻهو رهن ٿا، جيڪڏهن هر هڪ ماڻهو هڪ هڪ ٻوٽو لڳائي ته ڌرتي جي سونهن بحال ٿيڻ سان گڏ ماحولياتي آلودگي ۽ وڌندڙ گرمي پڌ کان نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button