لاڙڪاڻي جي وليد پاڙي جي رهواسي نوجوان سن ڪوٽا تحت نوڪري نه ملڻ خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي نوجوان فتح علي چنو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجو والد ديدار علي چنو چانڊڪا اسپتال جي شيخ زيد وومين اسپتال ۾ نائب قاصد هو، جيڪو سال 2001ع ۾ ڊيوٽي تان رٽائر ٿيو. هن چيو ته والد جي رٽائر ٿيڻ بعد مان سندس جاءِ تي نوڪري لاءِ سال اڳ لاڳاپيل عملدارن کي درخواستون ڏنيون، گذريل مهيني 21 تاريخ تي اسپتال ۾ خالي پيل نائب قاصد جي جاين تي انٽرويو ڏنو آهي پر تنهن باوجود مونکي سن ڪوٽا تحت نوڪري ناهي ڏني وئي، جيڪا ناانصافي آهي. هن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صحت کاتي جي صوبائي وزير کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مونکي سن ڪوٽا تحت نوڪري ڏئي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close