نوشھروفيروز ۾ جيل روڊ تي پسٽل صاف ڪندي گولي لڳڻ سبب 22 سالن جو نوجوان اعزاز علي پٽ منور علي سولنگي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن سول اسپتال نوشھروفيروز پهچايو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو. اهڙو اطلاع پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته نوجوان جو تعلق مٺياڻي ڀرسان ڳوٺ نبي بخش سولنگي سان ٻڌايو پيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close