
خانپورمهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ سروپو بوزدار ۾ هٿياربند جوابدار ڪارنهن الزام هڻي 25 سالن جي نوجوان شير محمد بوزدار پٽ رئيس بوزدار کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. مقتول نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال پهچايو، جتي مقتول جي پي رئيس بوزدار ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي پٽ کي برادري جي جوابدارن قتل ڪري ظلم ڪيو آهي. هن چيو ته ڪارنهن جو الزام غلط آهي. پٽ زمين تي بيٺو هو ته جوابدار کيس پاڻي جي واري تان قتل ڪري فرار ٿي ويا. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڌر نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد گهر خالي فرار ٿي وئي آهي. نوجوان جي وارثن جو موقف آهي ته نوجوان کي پاڻي جي واري تان قتل ڪيو ويو آهي. وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر نيو ويو ته ڪهرام مچي ويو.