گهارو ويجهو ديھه غيرآباد جي ڳوٺ علي ملاح جي رهواسين اشرف ملاح، علي حسن ملاح، مصطفيٰ چانڊيو، امام الدين ملاح، عارب ملاح، وليداد ملاح، رسول بخش ملاح جي اڳواڻي ۾ عورتن. ٻارڙن ۽ مردن پريس ڪلب گهارو اڳيان احتجاج ڪيو. هنن چيو ته علائقي جو بااثر شبير آرئين پنهنجي هٿياربندن سان گڏجي اسانکي ڳوٺ مان لڏائڻ لاءِ جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آھي. ڳوٺاڻن دانهيو ته اسين سالن کان هن علائقي ۾ آباد آهيون پر قبضاگير اسان جي ڳوٺ جي زمين ڦٻائڻ لا مسلسل ڌمڪائي رهيو آھي، جنهن ڪري اسين مجبور ٿي معصوم ٻارن سميت احتجاج ڪري رهيا آھيون. علائقي واسين اپيل ڪئي ته ڳوٺ تي هٿياربندن جي ڪاھه خلاف قدم کڻي تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close