ايڪشن ڪميٽي يونين ڪائونسل ڪرم خان نظاماڻي طرفان علائقي کي ترقياتي اسڪيمن ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف هالا پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مصري خان کوکر، بهار سهتو، فدا حسين لغاري، جوهر قمبراڻي ۽ ظفر پنھور چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي من پسند ماڻهن کي ترقياتي اسڪيمون ڏئي رهي آهي پر حقيقي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ڪيترائي ڀيرا احتجاج جي باوجود يوسي ڪرم خان نظاماڻي کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته ڳوٺ اجن شاھه کان ڳوٺ گودڙ کوکر تائين سترهن ڳوٺن کي ملائيندڙ اهم روڊ ٽٽل آهي، اڪثر مريض هن روڊ تي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن، يوسي ڪرم خان نظاماڻي جا ڳوٺ کنڊرات جو منظر پيش ڪري رهيا آهن، هن جديد دور ۾ به تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي، اسپتال، بجلي ۽ گئس سميت ٻين اهم بنيادي سهولتن کان محروم آھيون. هنن چيو ته يونين ڪائونسل ڪرم خان نظاماڻي کي ملندڙ بجيٽ جو رڪارڊ چيڪ ڪرايو وڃي ۽ ڪرپشن جي جاچ ڪرائي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close