ڀٽ شاھه ۾ سرن جي بٺن تي ڪم ڪندڙ پورھيتن بٺا مالڪن خلاف احتجاج ڪيو، پورھيتن الھرکيو ڀٽي، حاجي ڀٽي، ميرحسن ڀٽي، مختيار، صائمه، رضيا، اميران ڀٽي ۽ ٻين چيو ته 11 سالن کان بٺا مالڪ محمد موسا پٺاڻ ۽ ٻين وٽ مزدوري ڪندا آھيون، اسان کان پنھنجي مرضي سان ڪم وٺي پگھار به پنھـنجي مرضي سان ڏيندا آھن، مھانگائي سبب مزدوري وڌائڻ جو چيو ته بٺا مالڪ ڪاوڙجي پيا ۽ اسان کي نيڪالي ڏئي گھرن مان بي دخل ڪيو ويو. هنن چيو ته اسان کي گھرن مان نيڪالي ڏئي 2 مزدور به گم ڪيا ويا آھن ۽ اسان جي گھرن جو سامان به بٺا مالڪ محمد موسا، اڪرم ۽ مجيد وٽ آھي، اھڙي عمل خلاف عدالت جو در کڙڪايو، عدالت جي حڪم باوجود انصاف ناهي ٿيو آھي، اسان کي سامان ناهي مليو ۽ نه ئي اسان جي گم ٿيل پورهيتن جو ڪو ڏس پتو پيو آهي. هنن چيو ته گھرن ۾ پيل سامان ۽ گم ڪيل پورھيت واپس ڏياريا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close