سنڌ

جهوڪ شريف ۾ پي ايس ٽي اميدوارن جو احتجاجي مظاهرو

جهوڪ شريف ۾ ٽيسٽ ڏيندڙ پي ايس ٽي اميدوارن شاهنواز جتوئي، علي اڪبر ڪنڀار، عرفان ڀٽي، سبحان جتوئي، غلام علي مغل، عبدالرحمان ناڏيھه، ايوب ابڙو، علي اڪبر جتوئي ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. هنن چيو ته وڏي وزير مراد شاهه اعلان ڪيو هو ته 25 کان 39 مارڪون کڻندڙ پي ايس ٽي اميدوارن کي هڪ مهيني جي ٽريننگ ڏئي ٻيهر ٽيسٽ وٺنداسين پر تعليم واري سيڪريٽري اڪبر لغاري جو چوڻ آھي ته ٽريننگ فقط 33 کان 39 وارن کي ڪرائي ويندي، جيڪو سنڌ جي نوجوانن سان دوکو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اميدوارن کي هڪ مهيني جي ٽريننگ ڏئي ٻيهر ٽيسٽ ورتي وڃي نه ته سي ايم هائوس آڏو ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button