سنڌ

گهارو ۾ ايس ٽي پي ضلعي اڳواڻ کنڀجي ويو، شٽربند هڙتال

گهارو ۾ رينجرز اهلڪار ايس ٽي پي جي ضلعي اڳواڻ عمر ناهيو جي گهر تي چڙهائي ڪري کيس کنڀي کڻي ويا، واقعي خلاف شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي. گڏ ڪيل ڄاڻ موجب گذريل رات دير سان رينجرز جي وڏن اٽالن ايس ٽي پي ضلعي ٺٽي جي رابطا سيڪريٽري عمر ناهيو جي گهر تي چڙهائي ڪري علائقي کي گهيري ۾ آڻي بجلي بند ڪرڻ بعد کيس کنڀي کڻي ويا. سندس ڀاءُ رمضان ناهيو ٻڌايو ته رينجرز اهلڪار گهر ۾ گهڙي چادر ۽ چوديواري جوتقدس پائمال ڪري عورتن سان بدتميزي ڪري ڀاءُ عمر ناهيو کي کنڀي کڻي ويا، جنهن بابت مقامي پوليس وٽ عمر ناهيو جي گرفتاري بابت ڪابه انٽري ناهي، جنهن سبب عمر ناهيو جي زندگيءَ کي سخت خطرو لاحق ٿي ويو آهي، عمر ناهيو جي گمشدگيءَ کي 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو. ٻئي پاسي ايس ٽي پي ضلعي ٺٽي جي رابطا سيڪريٽري عمرناھيو کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف گھارو شھر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي ايس ٽي پي ضلعي صدر جلال شاهه، ناٿو خان بروهي، جميل سمون، محمد علي ناھيو، رياض ناھيو، علي حسن ملاح، رمضان ناھيو، آصف جوکيو، مصطفيٰ چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايڌي سينٽر گھارو کان مين بس اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ عمر ناھيو کي آزاد نه ڪيو ويو ته نيشنل ھائي وي ڪراچي مڪمل بند ڪيو ويندو. اڳواڻن چيو ته عمر ناھيو ھڪ پرامن سياسي ڪارڪن آهي، ھن کي بنا ڏوھه ۾ کنڀي گم ڪيو ويو آهي ۽ سندس گھر جي چادر چوديواريءَ جو تقدس پائمال ڪيو ويو آهي. هن مطالبو ڪيو ته عمر ناهيو کي فورن آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button