سنڌ

دعا زهره مڙس سان وڃڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو،ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم

پنجاب مان بازياب ٿيل دعا زهريٰ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مڙس سان گڏ وڃڻ جو بيان ڏئي ڇڏيو آھي، دعا زهريٰ عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو ته ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، مرضيءَ سان ظهير سان شادي ڪئي آهي. دعا زھرا عدالت ۾ چيو تھ منهنجي عمر 18 سال آهي، پنهنجي مڙس ظهير سان گڏ رهڻ گهران ٿي، مان پنھنجي مرضي سان گهران وئي ھيس. سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهريٰ جي عمر جو پتو لڳائڻ لاءِ ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، رپورٽ اچڻ تائين کيس شيلٽر هوم منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. عدالت ۾ دعا زهريٰ جي والدين طرفان ڌيءُ سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس عدالت جي اجازت بنا ملاقات ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button