ميرو خان ويجهو وارهه بئراج ۾ زرعي پاڻي جي مسلسل کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين پاران معصوم ٻارڙن سميت نٽهڻ اُس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي آبادگارن غلام نبي خاصخيلي، علي مراد بروهي، حضور بخش مگسي، احسان چانڊيو، شوڪت مغيري ۽ ٻين اوڀايو خاصخيلي چوڪ تي رڪاوٽون رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو. هنن دانهيندي چيو ته هر سال 15 مئي تائين وارهه بئراج ۾ پاڻي جو ڇوڙ ڪيو ويندو آهي پر هن وقت تائين پاڻي نه اچڻ ڪري وارهه بئراج ۾ پاڻي جي مسلسل اڻهوند سبب هن وقت تائين ساريالي فصل جو ٻيجارو پوکي ناهيون سگهيا. هنن چيو ته اسان جو گذر سفر صرف زراعت تي آهي تنهن ڪري بنا دير پاڻي ڏنو وڃي ته جئين ساريالي فصل جي پوکائي ڪري پيٽ گذر ڪري سگهون. هنن چيو ته وارهه بئراج ۾ اڃان به پاڻي نه ڏنو ويو ته اسان جون زمينون غيرآباد ۽ بنجر بڻجي وينديون، فصل نه ٿيو ته ويتر بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين آبادگارن ۽ هارين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير مراد شاهه ۽ صوبائي وزير آپباشي کان مطالبو ڪيو ته وارهه ڪئنال کي پورو پاڻي ڏئي اسان جي ٻچن تي رحم ڪري قيمتي زندگيون بچايون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close