لاڙڪاڻي جي صديقي ڪالوني جي رهواسڻ نوجوان عورت پرهه سانڀل پنهنجي والد الطاف سانڀل سان گڏجي لاڙڪاڻي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 4 مهينا اڳ شادي غلام ڀٽو جي رهواسي سميع الله ڀٽو سان ٿي، مڙس منهنجي والد کان مختلف وقتن تي هڪ لک قرض ورتو هو جنهن جي گهرڻ تي مڙس تشدد جو نشانو بڻائيندو هو، اهڙي ظلم کان تنگ ٿي طلاق لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي پر عدالت جي خوف کان مڙس 16 مارچ تي شاهدن جي موجودگي ۾ طلاق ڏني جيڪا هن دستاويز تي لکت به ڪري ڏني پر بعد ۾ هن طلاق معاملي کان انڪار ڪندي بااثر وڏيري حسين بخش سانگي وٽ راڄوڻي ڪرائي، اسان پيش ٿياسين پر وڏيري شاهدن ۽ ثبوتن کي رد ڪندي هڪ طرفو فيصلو ٻڌائيندي اسان تي اڍائي لک ڏنڊ رکيو، اها رقم منهنجو والد ڀرڻ لاءِ تيار آهي پر ان مقرر وقت کان اڳ مڙس هٿياربند وٺي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، اهڙيون شڪايتون ايس ايس پي آفيس سميت حيدري ٿاڻي تي ڪيون. هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي سميع الله ڀٽو سندس مامي محمد علي ڀٽو خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close