سنڌ

قمبر ۾ استادن کي پروموشن ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج

قمبر ۾گسٽا پاران ڊي اي او تعليم جي بي ضابطگين ۽ پروموشن ۾ سينيئر استادن کي نظر انداز ڪرڻ خلاف پريس ڪلب روڊ تي بک هڙتالي ڪئمپ لڳائي مطالبن جي مڃتا تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن اسحاق سومرو،سڌير لاشاري، مشتاق گوپانگ، حفيظ آزاد ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ڊي اي او تعليم انيس جلباڻي تعليم کاتي ۾ وڏيرا شاهي قائم ڪيو ويٺو آهي، جيڪو استادن جي پروموشن ۾ سينيئر استادن کي نظر انداز ڪري من پسند استادن کي ڳري رشوتن عيوض پروموشن ڏئي رهيو آهي. هنن چيو ته ته ڊي اي او کاتي ۾ به ضابطگين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي جيڪو ظلم آهي. اسان 24 ڪلاڪن جي بک هڙتال ڪئي جيڪڏهن جائز مطالبا پورا نه ٿيا ته وڌيڪ حڪمت عملي جوڙي ويندي. هنن وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ ڊي اي او خلاف ايڪشن کڻي استادن جي بي چيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ بک هڙتالي ڪئمپ مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button