سنڌ

ترقياتي اسڪيمون وقت سر مڪمل ڪيون وڃن:ناصر شاهه

سنڌ جي بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه هي صدارت هيٺ بلديات کاتي جي آفيسرن سان هڪ اهم اجلاس سنڌ سيڪريٽري ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري بلديات سنڌ نجم شاهه ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا. ان موقعي تي بلديات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه هدايت ڪئي ته بلديات کاتي جون سموريون ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪيون وڃن ۽ پينڊنگ ڪيسز به جلد حل ڪيا وڃن ۽ ان ڏس ۾ جيڪي آفيسر سستي ڪندا، انهن جي خلاف کاتيدار ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته هن سال جي تجربن جي روشني ۾ ايندڙ مالي سال ۾ اسڪيمون وقت سر مڪمل ڪرڻ کاءِ اڳواٽ اُپاءُ ورتا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button