سنڌ

صالح پٽ ۾ مڙس هٿان ڳورهاري زال مبيناطور استري جا ڏنڀ ڏئي قتل

صالح پٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بارگاهه ۾ جوابدار مڙس پنهنجي ڳورهاري زال کي مبينا استري جا ڏنڀ ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. مقتول عورت جي وارثن رات دير سان ايس ايس پي خيرپور آفيس آڏو لاش رکي پراڻي قومي شاهراهه تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو ھنيو، جنهن جي اڳواڻي مقتول عورت جي ما زرينا، فريدا ۽ فريد علي ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته جوابدار برڪت شاهه پنهنجي 22 سالن جي ڳورهاري زال فهميدا کي گهرو اڻبڻت تان استري جا ڏنڀ ڏئي بيدرديءَ سان قتل ڪيو آهي. اطلاع تي سندس گهر پهچي لاش کڻائي آيا آهيون. هنن چيو ته 7 سال اڳ فهميده جي شادي ڳوٺ بارگاهه ۾ برڪت شاهه سان ڪرائي هئي، کيس 2 ٻار آهن، هن وقت هوءَ 8 مهينن جي حمل سان هئي، ان کان اڳ ڪڏهن به ڪو جهيڙو يا مسئلو نه ٿيو. اڄ سندس مڙس برڪت شاهه کيس بيدرديءَ سان قتل ڪيو آهي. صالح پٽ پوليس جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو، جوابدار 2 قتل ڪيا آهن، کيس گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button