سنڌ

اوٻاوڙو ڀرسان حملي جو زخمي ڳوٺاڻو فوت،لاش رکي ڌرڻو

اوٻاوڙو ڀرسان مريد شاخ جي علائقي ۾ 5 مھينا اڳ ھٿياربندن ھٿان زخمي ٿيل ڳوٺاڻو غلام اڪبر ميراڻي فوت ٿي ويو، جنهن کانپو وارث عورتن ۽ مردن لاش گڊو مريد شاخ روڊ تي رکي ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو هنيو، جنھن سبب سنڌ – پنجاب جي ٽريفڪ معطل ٿي وئي. وارث عورتون لاش کي چنبڙي زارو قطار روئينديون رھيون ۽ قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندو رھيون. ان موقعي تي فوتي جي وارثن ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ اعلى اختيارين کي اپيل ڪئي ته اسان جي جوان کي ظالمن ناحق قتل ڪيو آھي. اسين مسڪين آھيون. جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ھوڏانھن پوليس فوتي جو مڙهه کڻائي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پھچايو، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي جو لاش گھر نيو ويو ڪھرام مچي ويو. ياد رھي ته 5 مھينا اڳ چوري جي ڳالھه تان فائرنگ ۾ غلام اڪبر ميراڻي سخت زخمي ٿي پيو هو، جيڪو اڄ رحيم يار خان اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button