سنڌ

لاڙڪاڻي سينٽرل جيل ۾ ڇڪتاڻ جاري، قيدين جو احتجاج، رينجرز طلب

لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ جيل انتظاميا ۽ قيدين ۾ 8 ڏينهن کان ڇڪتاڻ جاري رهي، جنهن ڪري جيل انتظاميا طرفان جيل جي سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪندي رينجرز کي طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جيل ۾ امڪاني آپريشن سبب پوليس اهلڪار جيل جي ماڙي ۽ ڇتين تي موجود رهيا. ٻئي طرف قيدين ڪالهه به احتجاج جاري رکندي پنهنجا وڊيوز وائرل ڪندي دانهيندي الزام لڳايو ته جيل سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ گذريل 8 ڏينهن کان سمورن قيدين کي يرغمال بڻائي اسان جي ماني، پاڻي ۽ بجلي بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري اسان جي حالت خراب آهي، اسان قيدين سان جانورن وارو سلوڪ ڪري کائڻ پيئڻ سميت ٻيون سهولتون فراهم نه ٿيون ڪيون وڃن جيڪا وڏي زيادتي آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته جيل سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ کي هٽائي ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪيل قيدين کي واپس آڻي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻي صورت احتجاج جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button