سنڌ

نياڻي جي اڳوڻي مڙس سان ٺاهه ٿي ويو آهي:لاڙڪاڻي جو رهواسي

لاڙڪاڻي جي صديقي ڪالوني جي رهواسي پورهيت الطاف احمد سانڀل پنهنجي نياڻي جي اڳوڻي مڙس نوجوان سميع الله ڀٽو سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن منهنجي شادي شده ڌيءُ پرهھ سانڀل مڙس جي ناجائزين خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ علائقي جي معزز حسين بخش سانگي اسان ٻنهي ڌرين کي پاڻ وٽ گهرائي ڳالهيون ٻڌڻ بعد اسان کي کير کنڊ ڪيو آهي، جنهن ۾ آئون نوجوان سميع الله ڀٽو کي ڏنڊ جي رقم ڏيڍ لک روپيا ادا ڪيا آهن، جڏهن ته نوجوان هڪ لک مونکي معاف ڪيو آهي. هن چيو ته پوليس اهلڪار محمد علي ڀٽو بابت اسان کي ڪجھه شرپسندن غلط گائيڊ ڪيو هو، جنهن لاءِ نياڻي پرهه سانڀل پريس ڪانفرنس ۾ ان جو ذڪر ڪيو هو، جنهن مان اسان کي ڪا تڪليف نه آهي، جڏهن ته نياڻي جي طلاق وارو معاملو هو، جيڪو هن وقت حل ٿي چڪو آهي ۽ منهنجي نياڻي هاڻي مون سان گڏ رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button