سنڌ

رتوديرو تعلقي اسپتال جي ملازمن ۽ ڊاڪٽرن جو احتجاجي مظاهرو

رتوديرو تعلقي اسپتال جي ملازمن ۽ ڊاڪٽرن ايم ايس خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪندي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو. پيرا ميڊيڪل ايڪشن ڪميٽي پاران ايم ايس ڊاڪٽر طبيبه سلطانا ڪاڪيپوٽو خلاف احتجاج ڪندي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي. تعلقي اسپتال اڳيان احتجاج تي ويٺل ڊاڪٽرن ۽ ملازم اڳواڻن ڊاڪٽر اياز علي چانڊيو، ڊاڪٽر لطف چانڊيو، ڊاڪٽر مڪيش ڪمار، ڊاڪٽر سيد شاهه حسين شاهه، حافظ سراج ملگاڻي، احمد بخش جوڻيجو، يونس جلباڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته ڪجهه وقت اڳ بنگل ديرو جي واسي ڀٽو برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو، زخمي همراهه کي ڊاڪٽر اياز چانڊيو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ڏنو هو پر هاڻي هڪ ڌر جا ماڻهو عبدالرسول ڀٽو ۽ سندس پٽ راٻيا ۽ ٻيا ڊاڪٽر کي بليڪ ميل ڪري موتمار ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. اهڙي دانهن ايم ايس کي ڏني ۽ کيس اهو چيو ته ڊاڪٽر کي ليٽر ڏيو ته جيئن انهن ماڻهن مٿان قانوني ڪارروائي ڪرائي سگهجي، ڊاڪٽر کي ڄاڻايل ماڻهن مان جان جو خطرو آهي پر ايم ايس ليٽر ڏيڻ کان لنوائي رهي آهي. هنن ڊي ايڇ او لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪري ڊاڪٽر کي ليٽر ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button