سنڌ

دعا منگي ڪيس جو مک جوابدار زوهيب قريشي زخمي حالت ۾گرفتار

ڪرمپور پوليس دعا منگي ڪيس ۾ گهربل جوابدار زوهيب قريشي کي مبينا مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي. جوابدار جي قبضي مان ٽي ٽي پسٽل، ڪار، موبائيل فون ۽ ڊوائيز هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي وئي. جوابدار زوهيب قريشي کي گرفتار ڪرڻ بعد علاج لا لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ صحافين کي ٻڌايو ته دعا منگي ڪيس ۾ مک جوابدار زوهيب قريشي ڪار ۾ وڃي رهيوهو ته پوليس ڪار کي بيهڻ جو اشارو ڏنو ته هن پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني. مقابلي بعد جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آھي ۽ سندس ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا آهن، مک جوابدار مٿان مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن. ڪرمپور ٿاڻي تي جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، فرار ٿيل ٻين جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري وٺنداسين. رتوديرو واسي جوابدار زوهيب قريشي لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال ۾ ڳالهائيندي چيو ته مون کي هڪ مهينو اڳ خيرپور پل تان کنڀي گم ڪيو ويو هو، جنهن بعد هفتو اڳ ڪشمور پوليس حوالي ڪيو ويو، پوليس هاف فرائي ڪري مونکي چانڊڪا اسپتال ۾ آندو آهي. هن چيو ته شهيد بشير خان قريشي ڪو ڀاڻيجو آهيان، مون کي ڪا خبر ناهي ته ڪهڙي ڪيس ۾ مون کي گرفتار ڪري ھاف فراءِ ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button