سنڌ

تحريڪ انصاف معيشت کي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي:شرجيل انعام ميمڻ

سڌ سماءُ، ٽرانسپورٽ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آ نااهل ۽ نالائقن جو ٽولو آهي، جنهن ملڪ جي معيشت کي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي. پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته خيبرپختونخوا جي ترقي جا پول کلي رهيا آهن، ۽ حقيقيت سڀني جي آڏو اچي چڪي آهي. گذريل 9 سالن کان ڪي پي ۾ پي ٽي آ جي حڪومت آهي، هڪ رپورٽ موجب ڪي پي صوبي جا قرض 883 ارب روپين کان چڙهي ويا آهن. ھن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان 2013ع تائين ڪي پي صوبو 97 ارب روپين جو قرضي هو ، هاڻي پي ٽي آ جي 9 سالن جي دور ۾ قرضن ۾ 8 سئو سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اھا آھي ڪارڪردگي پي ٽي آ جي، جنھن جي بنياد تي کين وفاقي حڪومت ۾ آندو ويو ھو. صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آ مالم جبا، بي آر ٽي پشاور، بلين ٽري سونامي سميت ڪرپشن جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ اسٽي آرڊر وٺندي رھي، جڏهن ته عالمي ادارن به پي ٽي آ جي سرڪار ۾ ڪرپشن وڌڻ جي نشاندهي ڪئي پر انهن لاڏلن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي. ھن چيو ته فارين فنڊنگ اوپن ڪيس آهي پر گذريل اٺن سالن کان ان کي اينگھايو پيو وڃي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته پي ٽي آ جي ايم اين ايز جي بدمعاشين جو نوٽيس وٺڻ گھرجي، جيڪي ھاڻي آپگھاتي حملا ڪرڻ جي ڌمڪين تي لھي آيا آهن. پنھنجي نااهلي سبب حڪومت وڃائجڻ کانپوءِ بي سمجهه ماڻهو آپگهاتي حملن جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. اعليٰ عدالتن ۽ وفاقي سرڪار کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڇوته پي ٽي آ کي شٽ اپ ڪال ڏيڻ اڻٽر بڻجي وئي آهي، ٻي صورت ۾ جنهن ذهنيت کي پروان چاڙهيو پيو وڃي، اها ملڪ لاءِ خطرناڪ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button