سنڌ

دعا زهرا جي ميڊيڪل رپورٽ پيش:ما بيهوش ٿي وئي

ڪراچي مان نڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ دعا زهريٰ جي والد ڌيءُ جي عمر بابت ميڊيڪل رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مبينا اغوا ڪيس جي شنوائي دوران دعا زهريٰ ۽ سندس مڙس ظهير کي پيش ڪيو ويو. ميڊيڪل رپورٽ ۾ دعا جي عمر 16 کان 17 سال ڄاڻائي وئي. شنوائي دوران دعا زهريٰ جي والد چيو ته ڌيءُ جي برٿ سرٽيفڪيٽس سوڌو ٻيا ثبوت موجود آهن، ميڊيڪل رپورٽ ۾ 16 کان 17 سال عمر غلط ڄاڻائي وئي آهي. عدالت ۾ دعا زهريٰ هڪ ڀيرو ٻيهر والدين سان ملڻ کان انڪار ڪيو، عدالتي حڪم تي ججز جي چئمبر ۾ دعا زهريٰ جي والدين سان ملاقات ڪرائي وئي. ملاقات بعد دعا زهريٰ جي امڙ چيو ته ڌيءُ گهر هلڻ جو چيو ۽ ٻڌايو ته عدالت ۾ گهر وڃڻ لاءِ بيان ڏيندي. پوليس دعا زهرا کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بدران شيلٽر هوم منتقل ڪري ڇڏيو، دعا زهريٰ جي امڙ عدالتي احاطي ۾ روئندي بيهوش ٿي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button