سنڌ

ڪرائم انڊيڪس ۾ ڪراچي ڪيترن شهرن کان بهتر آهي:آ جي

آ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ڪرائيم انڊيڪس ۾ شڪاگو، ڪوالالمپور، ڍاڪا ۽ نيو دهلي سميت ٻين ڪيترن ئي شهرن کان ڪراچي بهتر آهي. صحافين سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي آ جي سنڌ چيو ته ورلڊ ڪرائم انڊيڪس ۾ ڪراچي جو ڪرائيم گراف ڏينهون ڏينهن هيٺ اچي رهيو آهي. هڪ وقت هو جڏهن ڪراچي ڪرائم انڊيڪس ۾ 13 نمبر تي هو، اڄ ڪراچي 129 نمبر تي آهي. هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم ڪيسن جو فيصلو ترت ٿيڻ گهرجي، هي اهڙو پهلو آهي جنهن تي اسٽيڪ هولڊرز کي ويهي غور ڪرڻو پوندو. پوليس کي حڪم آهن ته اسٽريٽ ڪرائيم تي فوري رپورٽ داخل ڪري داخل ڪرڻ سان ئي اندازو ٿئي ٿو ته ڪيترائي ڪيس رپورٽ ٿيا. غلام نبي ميمڻ چيو ته جڏهن اسٽريٽ ڪرائيم جا ڪيس گهڻا هوندا آهن ته ميڊيا ان تي تنقيد ڪري ٿو، جيڪڏهن تنقيد هاڪاري ڪئي وڃي ته اسان جواب ڏيندسين، اسان کي ايف آئي آر فري رجسٽريشن تي وڃڻو پوندو ته جيئن ڪيسن کان پوءِ مدعي کي ڪا پريشاني نه ٿئي ۽ ڪيس جو فيصلو جلد ٿيندو ته انصاف جون گهرجون پوريون ٿينديون، مدعي جي فيصلي سان خوش ٿيندو. هن چيو ته ڪيس پراپرٽي جو قانون بڻجڻ گهرجي ته جيئن عدالت ۾ ثبوت طور ڏيکارڻ کان پوءِ پراپرٽي بنا دير مالڪ کي واپس ملي وڃي. آ جي سنڌ چيو ته مون کي پروفيشنلي جيڪو ڪم ڪرڻ گهرجي، اهو مان ڪري رهيو آهيان، حڪومت چاهي ٿي ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿئي، اسان چاهينداسين ته بهترين پوليسنگ ڪري عوام کي سهولتون فراهم ڪريون بهتر کان بهتر پوليسنگ ڪري ڪرائيم جي گراف کي هيٺ آندو ويندو. غلام نبي ميمڻ چيو ته ڪراچي کي بهتر کان بهتر هئڻ گهرجي. اسان جي پوري ڪوشش آهي ته پوليس جي نفري وڌايون، انويسٽيگيشن برانچ ۾ بهتري جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، شهرين جي مدد سان 44 هزار ڪئميرا لڳي چڪا آهن. مختصر اهو ته شهر جي بهتري لاءِ سٺا ڪم ٿي رهيا آهن ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان سيف سٽي پروجيڪٽ به جلد مڪمل ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button