سنڌ

لاڙڪاڻي ميونسپل ڪارپوريشن ملازمن جو احتجاجي ڌرڻو

لاڙڪاڻي ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازمن محنت ڪش ليبر يونين جي سڏ تي ميونسپل آفيس جي مک گيٽ تي ٽوڪن هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن غلام اصغر جتوئي، قلندر بخش شاهاڻي، منور سانڊاڻو، شام لال خرارا ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪائونسل اسسٽنٽ عارف علي شيخ ۽ سينيئر ڪلارڪ صدرالدين ڀٽي کي رليو ڪيو ويو آهي، جن جا بنا دير رليو آرڊر ڪينسل ڪندي جوائننگ ڏني وڃي. هنن چيو ته ٻن سالن کان فوتي ڪوٽا تحت فوتي ملازمن جي اولاد کي آيل آرڊرن تحت جوائننگ نه ڏيڻ پڻ اداري جي ملازمن کي معاشي طور قتل ڪرڻ برابر آهي. هنن پ پ قيادت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي رليو ڪيل ملازمن ۽ فوتي ڪوٽا وارن کي جوائننگ ڏئي پيدا ٿيل بيچيني دور ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button