سنڌ

غلام محمد مهر جي 27هين ورسي،مزار تي گلن جي چادر چاڙهي وئي

سنڌ جي برک سياستدان، امن جي سفير الحاج سردار غلام محمد خان مهر جي 27هين ورسي ملھائي وئي، مدرسه عاليه جامعه مسجد خانڳڙهه شريف ۾ مرحوم سردار غلام محمد خان مھر جي روح کي ثواب پهچائڻ لا قرآن خواني ڪئي وئي ۽ مغفرت جي دعا گهري وئي. جنهن کانپو سندس پٽ پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مھر ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي خاص معاون بنگل خان مهر پنهنجي پي مرحوم جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي. مرحوم سردار غلام محمد خان مھر جي ورسي جي مناسبت سان محمد بخش خان مهر ۽ بنگل خان مهر پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته الحاج سردار غلام محمد خان مهر ڏاهو سياستدان ۽ محب وطن پاڪستاني هو. هن نه صرف صاف نيت سان مختلف عوامي عهدن، وزارتن تي رهي عوام جي خدمت ڪئي پر ذاتي حيثيت ۾ پڻ سخاوت جا علمبردار هئا. سندن غيرتڪراري شخصيت سبب ڪنهن به سياسي مخالف کي به ڪڏهن ڪو اهنج نه پهتو هو. اوڙي پاڙي جو ڀرجهلو ۽ مسڪينن جو مددگار هو. مرحوم ذاتي دلچسپي وٺي گهوٽڪي ضلعي سميت سڄي سنڌ جي ڪيترن نوجوانن کي روزگار ڏياريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button