سنڌ

قيدين جي ماني، پاڻي ۽ علاج سهولتون بند ڪرڻ خلاف لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

سينٽرل جيل لاڙڪاڻو ۾ جيل انتظاميا طرفان مبينا طور قيدين جي ماني، پاڻي ۽ علاج جون سهولتون بند ڪري تشدد ڪرڻ واري عمل خلاف لاڙڪاڻو مشاورتي ڪائونسل پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ سلميٰ ڀٽو، قادر بخش ڪمانگر، آفتاب ميراڻي، وزير علي چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته گذريل 9 ڏينهن کان لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ جيل انتظاميا انسانيت جا ليڪا لتاڙيندي بنا جواز قيدين جي ماني، پاڻي ۽ علاج جون سهولتون بند ڪري کين تشدد جو نشانو بڻائي رهي آهي، جيڪي ڪيترن ئي ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهن، جڏهن ته شهر جي سماجي اڳواڻن کي قيدين خط لکڻ سان گڏ سوشل ميڊيا تي وڊيوز رکي انصاف جون اپيلون ڪيون آهن. اهڙي صورتحال کانپوءِ اسان جيل انتظاميه سان ملي معاملي کي حل ڪرڻ جو چيو، پر جيل انتظاميا قيدين وٽ موبائيل فونون ۽ منشيات هجڻ جو جواز ڄاڻائي ڄاڻايل مسئلا حل نه پئي ڪري، جيڪا قيدين سان وڏي ناانصافي آهي. هنن چيو ته قيدين جو کاڌو پيتو بند ڪرڻ ۽ سندن علاج جون سهولتون نه ڏيڻ غير انساني ۽ غير قانوني عمل آهي، جنهن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هنن چيو ته قيدين جو وارث عورتون پنهنجي پيارن جي خراب حالت ڏسي اسان ڏانهن مدد لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي آيون آهن، خبر پئي آهي ته ڪجھه زخمي ٿيل قيدين جي زخمن جو علاج نه ٿيڻ سبب ناسو بڻجي ويا آهن. جڏهن ته جيل انتظاميا سماجي اڳواڻن کي قيدين سان ملاقات ڪرڻ نٿي ڏي. اسان چيف جسٽس، وڏي وزير، آءِ جي جيلز ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته لاڙڪاڻو جيل انتظاميا جي قيدين سان ناروا سلوڪ جو نوٽيس وٺي قيدين کي ماني، پاڻي، بجلي سميت علاج جو سهولتون مهيا ڪرڻ سان گڏ جيل انتظاميا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button