سنڌ

ڪشمور مان 3 ڏينهن اڳ گم ٿيل نينگر جي وارثن جو احتجاج

ڪشمور جي ملڪ محلي مان ٽي ڏينھن اڳ گم ٿيل شيراز علي ملڪ کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي. شھر جي سياسي سماجي صحافتي تنظيمن جي اڳواڻن احسان الاهي ڄامڙو، نظير مزاري، دلشاد سومرو، راڻا غفار، اعجاز احمد چنا، زبير ڪلوڙ ۽ مغوي معصوم شيراز ملڪ جي والد دانش ملڪ ۽ ٻين شھر جي مک چوڪ تي ڌرڻو ھڻي سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان طرف ويندڙ روڊ مڪمل بند ڪري نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ايس ايس پي ڪشمور سوشل ميڊيا ڪنگ بڻجي ويو آھي، سندس ڪارڪردگي زيرو آهي، شھر ڏوھارين حوالي ٿيل آهي، اسان جو ايس ايس پي امجد شيخ مھذب ملڪن ۾ امن امان بابت گيت ڳائي رھيو آهي. ڏوھاري سرعام پوليس سان يارين جو اعتراف ڪري رھيا آهن انهن کي پوليس ۾ موجود بااثر اھلڪارن جي سپورٽ آهي. هنن آ جي سنڌ، ڊي آ جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته معصوم شيراز ملڪ کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي. معصوم شيراز ملڪ جي بازيابي لاءِ هنيل ڌرڻي ۾ ڊي ايس پي ڪشمور ميان نياز احمد فاروقي پھچي شيراز ملڪ جي جلد بازيابي جي خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button