
قمبر ۾ ايڪسين ۽ ايس ڊي او واپڊا جي اڳواڻيءَ ۾ علي خان محلي ۾ بقايا ۽ ڪنڊا ڪنيڪشن خلاف ڪارروائي ڪندي 150 غير قانوني ڪنيڪشن 200 ڊفالٽرن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي. جڏهن ته 9 ٽرانسفارمر به لاٿا ويا. ان موقعي تي ايڪسيئن قمبر احمد خان شيخ، ايس ڊي او نور محمد عباسي چيو ته جون جو مهينو هلي رهيو آهي، بقاياجات وقت سر جمع ڪرايا وڃن نه ڪرائڻ جي صورت ۾ بجلي ڪاٽي ويندي ۽ بجلي چوري ڪرڻ نه ڏني ويندي. هنن چيو ته بجلي صارفين کي گهرجي ته بقاياجات جمع ڪرائي اسان جو ساٿ ڏنو وڃي.