سنڌ

رتوديرو جي مختلف وارڊن تي بيٺل پي ٽي آئي اميدوار پ پ ۾ شامل

رتوديرو ميونسپل ڪاميٽي جي مختلف وارڊن تي بيٺل اميدوارن ايم پي اي فريال ٽالپر سان ملاقات ڪري پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ڄاڻ ملي آهي ته وارڊ هڪ تي پي ٽي آءِ اميدوار ۽ پ پ کان 30 ورهين کان پري رهندڙ سردار علي انور خان گھانگھرو، قربان علي گھانگھرو، پي ٽي آءِ جي چيئرمين جي اميدوار عنايت الله گھانگھرو، پي ٽي آءِ جي وارڊ 6 جي اميدوار اشوڪ ڪمار، پي ٽي آءِ جي وارڊ 10 جي اميدوار شاهد علي جروار، علي اصغر نوناري ۽ ٻين تحريڪ انصاف کي الوداع چئي پ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ايم پي اي فريال ٽالپر پ پ ۾ شموليت ڪندڙن کي مبارڪون ڏنيون ان موقعي تي جميل احمد سومرو، اعجاز احمد لغاري، علي نواز خان جلباڻي، لالا نظر محمد پٺاڻ، زاهد جلباڻي، ممتاز علي عارباڻي، سيد مهدي شاهه ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button