سنڌ

قمبر ۾ ڳوٺاڻن جو نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

قمبر جي ڳوٺ لئو ميرجت جاگير جي رهواسين محمد علي چانڊيو جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شوڪت علي چانڊيو، حب علي چانڊيو، عظيمان خاتون، نصرت خاتون ۽ معصوم ٻارڙن محمد علي جا فوٽو کڻي احتجاج ڪندي چيو ته پوليس اسان جي گهر تي چڙهائي ڪري چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي محمد علي کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ان جو هن وقت تائين ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي، جيڪو سراسر ظلم آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن محمد علي جو ڪو ڏوهه آھي ته کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن چيف جسٽس، آرمي چيف، آ جي سنڌ ۽ وسوارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي محمد علي چانڊيو کي آزاد ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button