سنڌ

وارهه ۾ سماجي ورڪر جو مهانگائي خلاف ڳچي ۾ ماني ٻڌي انوکو احتجاج

وارهه ۾ سماجي ورڪر ۽ پورهيت بدر چانڊيو مهانگائي خلاف ڳچي ۾ ماني ٻڌي عوامي پريس ڪلب اڳيان انوکو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن دانهيندي چيو ته موجوده حڪومت عمران سرڪار خلاف مهانگائي جي واويلا ڪري رهي هئي، جڏھن ته ھن حُڪومت ۾ عام واهپي جي شين جا اگھه آسمان سان ڳالهيو ڪري رھيا آھن. تيل، گيهه، اٽي سميت عام واهپي واريون شيون ۽ راشن نٿا وٺي سگهون. مهانگائي سبب بک بدحالي جي ور چڙهيل پورهيت ٻن ويلن جي ماني کائڻ لا پريشان آهن. جيڪڏھن مهانگائي تي ڪنٽرول نه ٿيو ته خودڪشين ۾ وڏي پئماني تي اضافو ٿيندو. هن چيو ته مهانگائي خلاف سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي غريبن کي انصاف ڏياري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button