ٽنڊوجان محمد ۾ بجلي جي بندش خلاف شھرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ٽنڊوجان محمد جي وارڊ 13 ۽ وارڊ 8 جي ڪاروباري مرڪز شاھي بازار مارڪيٽ، سونار گلي مارڪيٽ، قريشي پاڙي جي 18ڪلاڪن کان بجلي بند ھجڻ تي دڪاندار تنگ ٿي روڊ تي نڪري آيا ۽ احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، روڊ بند ٿيڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. دڪاندارن عبدالخالق خاصخيلي، لالا جھانزيب، فاروق ممتاز، عمار خالد، لالا نواب خان، اشرف شاهھ، جوڳي مالھي چيو ته ڪيترائي دفعا ايس ڊي او حيسڪو سان رابطو ڪيو،ر ايس ڊي او آسرن ۾ ھلائيندو رھيو پر بجلي بحال نه ڪرائي جنھن کان پو دڪاندارن تنگ ٿي احتجاج جو رستو اختيار ڪيو آھي. دڪاندار جي احتجاج تي ايس ايڇ او ٽندوجان محمد پھچي دڪاندارن ۽ ايڪسيئن حيسڪو سان رابطو ڪيو ايس ايڇ او پاران اڌ ڪلاڪ ۾ بجلي بحالي جي يقين ڏيارڻ بعد احتجاج ختم ڪرايو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close