سنڌ

پيپلزپارٽي آر او سطح تي ڌانڌلي شروع ڪري ڇڏي آهي:معظم عباسي

ايم پي اي معظم علي عباسي لاڙڪاڻي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي آر او سطح تي هاڻي کان ئي ڌاندلين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. لاڙڪاڻو عوامي اتحاد طرفان شهر جي مختلف يوسيز تي نامزد ڪيل اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا هئا، جن جي فارمن کي بعد ۾ عدالت سڳوري بحال ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پ پ طرفان نامزد ڪيل اميدوار حاجي آهن، باقي ٻيا نااهل آهن، هنن جي اهڙي حرڪت سان ثابت ٿي ويو ته پ پ وارا پنهنجي شڪست قبول ڪري ويٺا آهن. هن چيو ته پ پ پلانگ تحت شهر جي يوسين کي ٻهراڙين جي يوسيز سان ملايو آهي پر عوام لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جو ساٿ ڏيندو. هن چيو ته اڄ پيپلز پارٽي وارا شهر ۾ نڪتا آهن ته ان جو سبب صرف اهو آهي ته سامهو بيٺل اپوزيشن لاڙڪاڻو عوامي اتحاد آهي. اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ٿا ڪريون ته پولنگ تي مقرر ايجنٽن کي اتي رزلٽ ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button