سنڌ

ڊگهڙي جو ڳوٺاڻو حيدرآباد مان گم ٿي ويو، وارث پريشان

ٽنڊوجان محمد ڀرسان ڳوٺ اميربخش خاصخيلي جو رهواسي شادي شده نوجوان غلام رسول خاصخيلي حيدرآباد شهر جي خواجه ڪالوني مان اوچتو گم ٿي ويو، سندس ڀائر ميرحسن ۽ حاجي خاصخيلي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪرڻ لا پريس ڪلب ڊگهڙي پهتا. سندس وارثن چيو ته غلام رسول خاصخيلي خواجا ڪالوني حيدرآباد ۾ چوپائي مال جي وارڙي تي ڪم ڪندو هو، ساڻس موبائل فون تي رابطو ٿيندو هو، لڳ ڀڳ ڏيڍ مهينو اڳ آخري ڀيري فون تي گهرڀاتين سان ڳالهايو هو، جنهن بعد نمبر بند ملي رهيو آهي. هنن چيو ته نوجوان جي ڳولها ۾ مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button