قومي اسيمبلي جو ميمبر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر عامر لياقت جو لاش گهر مان مليو، کيس خانگي اسپتال به آندو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي آهي. ڊاڪٽر عامر لياقت جي ملازمن جو چوڻ آهي ته سندس ڪمري جو دروازو اندارن بند هو، کيس دروازو کولڻ لاءِ چوندا رهياسين پر هن در نه کوليو. عامر لياقت جي ڪالهه رات کان طبيعت خراب هئي، کيس دل ۾ تڪليف ٿي رهي هئي، جڏهن ته کيس اسپتال وڃڻ چوندا رهياسين پر هن انڪار ڪري ڇڏيو. عامر لياقت حسين کي سندس گهر خدادد ڪالوني مان ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته عامر لياقت حسين کي مئل حالت ۾ اسپتال آندو ويو. عامر لياقت جي ڊرائيور پوليس کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر عامر لياقت جي طبعيت خراب آهي، عامر لياقت جي ڪمري مان گذريل ڏينهن رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا. پوليس موجب عامر لياقت جي موت جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو، جنهن بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو، جڏهن ته سندس مڙهه جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه جو چوڻ آهي ته عامر لياقت جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ان جي فيملي روڪرايو آهي. ڊاڪٽر سمعيه چيو ته گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم جو سوچي جواب ڏينداسين. ذريعن جو چوڻ آهي ته عامر لياقت جو پٽ اڃا ملڪ کان ٻاهر آهي، ان جي اچڻ کانپوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close